ڏات ڌڻين جي بايوگرافي
نامور شخصيتن جي زندگيءَ جا واقعات

موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ 13 ڊسمبر 1944ع تي جنم وٺندڙ جديد سُگهڙائپ جي باني ۽ سگهڙن جي هن بادشاھ سُگهڙ لوڪ ادب ۽ ٻولي بچائڻ واري جدوجهد ۾ جڏھن ڏٺو ته سنڌي لوڪ ادب جو سنڌ حڪومت توڙي ادبي ادارن وٽ ڪوبه قدر ناهي، ته انهن کي جاڳائڻ لاءِ سگهڙن سان گڏ ٻولي ماهرن کي به ان ويڌن کان واقف ڪيو ۽ فڪري سوچ متعارف ڪرايائين ته منظم جدوجهد سان ئي قومي ادب جي وارثي ٿي سگهي ٿي .

جديد سگهڙائپ جو سرواڻ ”استاد سُگهڙ محمد ملوڪ عباسي“ رحہ تحرير : رحمت ﷲ عاجز لاشاري . ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي لوڪ ادب جي تحقيق، ترتيب، ترويج ۽ ترقيءَ سان گڏ تعارف ۽ حفاظت جو بنيادي ڪم تعلقي ڏوڪر…

عاجز رحمت الله لاشاري سنڌي لوڪ ادب، صحافت ۽ ديني تعليم جي حوالي سان هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. پاڻ 2 جنوري 1982ع دوران پيدا ٿيو. پاڻ هن وقت تائين لوڪ ادب، تحقيق، شاعري ۽ مذهب جي موضوعن تي 57 کان وڌيڪ ڪتاب لکي ۽ ترتيب ڏئي چڪا آهن. سندن لکيل ”حمد“ سنڌ جي پرائمري نصاب (چوٿين درجي) ۾ پڻ شامل آهي. پاڻ مھراڻ ٽي وي، پي ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي جي مشهور لوڪ ڪچهرين جا ميزبان ۽ ڊائريڪٽر پڻ رهيا آهن. ان کان علاوه ”سگهڙ سماچار“ رسالي جا باني ايڊيٽر آهن. کين ادبي خدمتن تي شاھ لطيف عالمي ايوارڊ، ٽي ڀيرا شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا سوين اعزاز مليا آهن. کين لوڪ ادب جي مڃتا طور ٽي ڀيرا تاج پڻ پارايا ويا آهن. پاڻ سنڌي سگهڙن جي تنظيم (سلات) جا باني چيئرمين اڳواڻ ۽ نقشبندي سلسلي جا خلافت يافته روحاني رهنما پڻ آهن.
