عاجز رحمت الله لاشاري
سگھڙ بايوگرافي

About
عاجز رحمت الله لاشاري جو تفصيلي تعارف، ادبي خدمتون ۽ مليل مڃتا جو تفصيل. پورو نالو:مير رحمت الله. ادبي نالو: رحمت الله ”عاجز“ لاشاري. تخلص: آڪاش ۽ عاجز. ولديت : فقير شاهنواز پُٽ جلال خان پُٽ جمال خان پُٽ ڪمال خان پُٽ شهداد خان پُٽ ڌڱاڻو خان پُٽ حُرّا خان پُٽ منگا خان. قوم:سنڌي بلوچ. ذات/قبيلو : لاشاري. پاڙو: عهدياڻي. پيدائش: اسڪول جي سرٽيفڪيٽ مطابق، 02 جنوري 1982ع بمطابق 5 ربيع الاول 1402ُ هجري. جاءِ پيدائش: درگاھ فقير پور شريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو. ياد رهي تہ فقيرپور ۾ عاجز جا ناناڻا ويٺل هئا ۽ سندس امڙ پنهنجي والدين يعني عاجز جي ناني جي گهر ۾ ئي کيس ڄڻيو هو، جڏهن ته سندن والد ان وقت ميھڙ کان مٿي ڌامراھ واھَ جي ڏاکڻئين ڪَپ تي ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاريءَ ۾ رهائش پذير هئو، جتان غيرت جي معاملي تان اڻ ٽر تڪرار سبب سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪري موهن جو دڙو ڀرسان سنڌ جي مشھور ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي جَنم ڀومي ڳوٺ ٻِنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. تعليمي شروعات: اپريل 1987ع دوران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻِنڊي، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو (اسڪول ۾ مرحوم غلام قادر ساريو کان الف اک واري پَٽي لکرائي هئي ۽ بعد ۾ ڪجھ ڪلاسن ۾ استاد محمد امين منگي ۽ ڪامريڊ زبير احمد جکرو پڻ استاد رهيا) . قرآن پاڪ ناظره: پرائمري تعليم دوران ڳوٺ جي پيش امام مرحوم استاد مولوي محمد صالح لاکي وٽ ناظره قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيو. قرآت، تجويد: ڀر واري ڳوٺ برادي ساريہ ۾ مدرسي مُحمّدي نورالهديٰ جي استاد حافظ محمد بخشل چَني وٽ ڪلام پاڪ جي قائدن قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجھ سورتون حِفظ پڻ ڪَيُون. انگريزي تعليم: مدرسي ۾ پڙهڻ دوران گورنمينٽ هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تي سيپٽمبر 1994ع ۾ داخلا ورتي. ان عرصي دوران امڙ جي اسرار تي سال 1995ع کان 1997ع دوران درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعي نوشهرو فيروز ۾ مرشدن ڪريمن حضرت قبلا محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن جي صحبت ۾ روحاني فيض ۽ ضروري ديني تعليم ۽ روحاني عِلمَ جو فيض حاصل ٿيو. دربار الله آباد شريف ۾ ضروري تعليم بعد ليبرڪالوني ڪوٽڙي ۾ پنهنجي مامي مولوي سراج الدين لاشاري جي تربيت هيٺ مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ۾ نائب امام جا فرض نڀايا. ان دوران باقي تعليمي سلسلو ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي ۽ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو ۾ جاري رکيائين جڏھن تہ ان دوران پاڻ مدرسہ رڪن الاسلام ھيرآباد حيدرآباد ۾ پڻ ديني تعليم لاء داخل ٿيا. نڪاح: والدين طرفان طالب علمي جي عُمر ۾ 23 اپريل 1992ع تي توفيق ڪالوني دادو ۾ سڳي ماسات سان ٿيو جڏهن تہ شادي ڪجھ سالن کان پوءِ 2 مئي 1999ع تي ڳوٺ ڪَرَن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ ان ئي ڳوٺ جي جامع نورِ محمدي مسجد ۾ پيش امامي دوران ساڳئي هنڌ تي ٿي. شاديءَ جي موقعي تي سگهڙن جي ڪچھري ٿي هئي جنھن ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي جو پڳدار پُٽ سُگهڙ ممتاز علي عباسي، موري جو مشهور سگهڙ (مرحُوم) رحمت الله عباسي ۽ (مرحوم) حاجي اقبال احمد جوڻيجو لوڪ ادب جون لاتيون پيش ڪيون هيون. هن وقت ٻن نياڻين ڪنيز فاطمہ ۽ عُروج فاطمہ سان گڏ هڪ فرزند محمد حَسَّان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (ان کان اڳ هڪ معصوم فرزند حيدرآباد سول اسپتال ۾ فوت ٿيل ڄائو، جڏهن تہ محمد صبغت الله نالي ٻيو فرزند دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب 6 مھينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو هو.) شاعري جي شروعات: طالب علمي جي زماني کان پنھنجي ننڍي مامي نثار احمد لاشاري جي صحبت ۾ سنہ 1990ع کان مولود شريف لکڻ سان ٿي. سگهڙائپ ۾ پھريون قدم: سال 1997ع ۾ ڳوٺ جي شاعر دوست ۽ قومپرست ڪارڪن ڪامريڊ قلندر بخش ساريو سان گڏجي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحہ سان ملڻ کان پوءِ لوڪ ادب جون لاتيون سکڻ ۽ لکڻ جو موقعو مليو. جنھن شوق ۽ ذوق سبب استاد محمد ملوڪ عباسي جي خواهش سان حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ 1997ع دوران سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ اسٽيج تي پھريون ڀيرو سگهڙائپ جو فن پيش ڪيائين . صحافت جي ابتدا: ليبرڪالوني ڪوٽڙي مدينہ مسجد ۾ مامي مولوي سراج الدين لاشاري وٽ خطابت، امامت جو فن سکڻ دوران صحافت جو ذوق بہ پيدا ٿيو ۽ باقائدي شروعات 1998ع ۾ روزاني الک اخبار جي نمائندي طور ٿي، ان دوران اخبار جي هاڪري پڻ ڪئي ( ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا) اخبار ماهوار لاشار جو ايڊيٽر رهڻ کان پوءِ اڳتي هلي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ترجمان سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو نومبر 2005ع ۾ باني ۽ چيف ايڊيٽر طور صحافتي ڪم نڀايو ۽ ان کان اڳ اپريل 2005ع تي سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ ڊائريڪٽر غلام رسول چانڊيي جي هدايتن هيٺ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني جا فرض نڀايا ۽ بعد ۾ 2007ع کان مھراڻ ٽي وي تي سگهڙن جي پروگرام ”ڳالهيون ڳوٺاڻن جون“ جي ڊائريڪٽر طور ڪم سنڀاليو ۽ ”ڀلارو رمضان“ سميت کوڙ سارا ديني پروگرام پڻ رڪارڊ ڪرايا، ڪجھ عرصو مھراڻ اخبار ۽ ڌرتي ٽي وي چينل تي ضلعي ڄامشوري جي رپورٽر واري ذميواري دوران نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو ۾ جنرل سيڪريٽري طور پڻ صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون. مجموعي طور لکيل ڪالم ۽ مضمون توڙي رپورٽون مختلف اخبارن جھڙوڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، ڪوشش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ، جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مھراڻ ، ارادو ، برکا ، پاڪ ، فاسٽ ٽائيم، سنڌ ڌرتي، امڪان سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شائع ٿيل آهن ۽ اڃا تائين شائع ٿيندا رهن ٿا. امامت ۽ خطابت: 1997ع دوران مدينہ مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي ۾ نائب امام کان پوءِ سال 1997ع جي آخر ۽ 1998ع جي شروعات ۾ ڳوٺ ڪرن خان شورو قاسم آباد حيدرآباد ۾ فرض نڀايا. ان دوران مسجد شريف جي نئين تعميراتي ڪم سبب جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ خطابت ۽ امامت جا فرض نڀايا ۽ مسجد جي بلڊنگ/عمارت تيار ٿيڻ کان پوءِ وري 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت سان گڏ ديني درس و تدريس جو في سبيل الله ڪم جاري آهي . پي ٽي وي تي پروگرام: سنڌ جي برک ڪردار فتح خان يعني سيد صالح محمد شاھ سان گڏ پي ٽي وي تي پھريون ”ڪچھري“ پروگرام 15 جنوري 2004ع، ان کان پوءِ ”سنڌ نامون“، ”لوڪ ادبي محفل“، جون 2004ع. جا شروعاتي پروگرام هئا جڏهن تہ بعد ۾ 26 نومبر 2016ع تي پي ٽي وي تي ڪچھري پروگرام جي ميزباني جو اعزاز پڻ مِليو. ريڊيو تي پروگرام: ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي آڊيشن ذريعي منظوري ملي جنھن بعد سيد صالح محمد شاه/فتح خان سان گڏ پھريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع. تي رڪارڊ ڪيو جنھن ۾ سائين سيد صالح محمد شاھ لوڪ ادب جي پھرئين ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“ جو تعارف بہ ڪرايو هو. جڏهن تہ ڪافي عرصو پوء ريڊيو ڪراچي اسٽيشن تي 17 آڪٽوبر 2016ع تي ان وقت اسٽيشن ڊائريڪٽر ڪوثر ٻُرڙي جي خواهش تي هڪ خاص پروگرام ”لوڪ ادب ڪچھري“ نشر ڪيو جنهن ۾ پڻ ميزباني جا فرض نڀايا. عاجز جا هن وقت تائين شاعري سميت تحقيق ۽ تصنيف سان گڏ ترتيب ڏنل ننڍا وڏا ڪتاب: (1) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو اول) نومبر 1999ع ۾ ڇپيو. (2) ”رحمت جا خزانا“ (مولود-ڀاڱو ٻيو) نومبر 2000ع ۾ ڇپيو. (3) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو ٽيون) اپريل 2001ع ۾ ڇپيو. (4) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱوچوٿون)، آڪٽوبر 2002ع ۾ ڇپيو. (5) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱو پنجون) فيبروري 2003ع ۾ ڇپيو. (6) ”رمزون رحمت الله جون“ (لوڪ ادب شاعري ) سيپٽمبر 2003ع ۾ ڇپيو. (7) ”ديس وسي ديدار اسان جو“ (سگهڙ ديدار علي سيال جو احوال ۽ ڪلام) 2003ع ۾ ڇپيو. (8) ”رحمت جا خزانا“ (مولود- ڀاڱون ستون) مارچ 2004ع ۾ ڇپيو. (9) ”فيصلا انصاف جا“ (رئيس عبدالحميد خان جتوئي جي شخصيت ۽ فيصلا) 2004ع ۾ ڇپيو. (10) ” آهون احمد حسن جون“، (لوڪ شاعر خليفي حضرت حاجي احمد حسن لاشاري جو نعتيہ ۽ ناصحاڻو ڪلام) بہ 2004ع ۾ شائع ٿيو. (11) ”السفر“ (اردو زبان ۾) .(لاشاري تنظيم جي باني، جهوني صحافي ۽ سياسي، سماجي شخصيت محمد صفر لاشاري جون صحافتي، سياسي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون) 19 آڪٽوبر 2004ع تي ڇپيو. (12) ”رنگ رحمت الله جا“ (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا) 2005ع ۾ ڇپيو. (13) سلات جي 117 ڏات ڌڻي سگهڙن جي احوال ۽ ڪلام تي ترتيب ڏنل پھرين ”سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري“ 2005ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. (14) ”مولود ۽ مداحون“ 2007ع ۾ ڇپيو. (15) ”دلبر جو ديدار“ عرف ”ڪنهن کي ڏجي دانهن“، (سگهڙديدارعلي سيال جو احوال ۽ ڪلام) تي مشتمل 2008ع ۾ ڇپيو. (16) ”تحفة العاشقين”، (حافظ عابد عزيز خاصخيلي جو نعتيه ڪلام) 14 فيبروري 2010ع تي ڇپيو. (17) ”محبت جي منزل“، (سگهڙ علي گوهر قريشي جي لوڪ شاعري) 2010ع دوران ڇپيو . (18) ”مٺا ٻول محبوب جا“ (سگهڙ محبوب علي ڏيپر جو ڪلام).مارچ 2010ع ۾ ڇپيو. (19) ”مٽيءَ جي خوشبوءِ“، (سگهڙ محمد ايوب جوڻيجي جي لوڪ شاعري) 2010ع ۾ ڇپيو. (20) ”محبت جا موتي“ (سگهڙ شاعر علي گوهر قريشي جو ڪلام.) جون 2013ع ۾ ڇپيو. (21) ”پنهنجو رنگ پنهنجي شاعري“ (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري.) 2013ع ۾ ڇپيو. (22) ”مٽيءَ جو هُڳاءُ“، (ماسٽر منظور جو فن ۽ شخصيت.) اپريل 2014ع ۾ ڇپيو. (23) ”سھڻل جا سينگار“، (سنڌ ۽ بلوچستان جي سگهڙن جي سينگار شاعري.) 2014ع ۾ تنظيم فڪر و نظر ڇپيو. (24) ” موتي محبوب جا“، (محبوب علي ڏيپر جي لوڪ شاعري) 2015ع ۾ ڇپيو. (25) ”مداحون ۽ مناقبا“، (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو ڪلام.) ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيو. (26) ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ جي نالي سان ڊائريڪٽري جو ٻيو ڪتاب، (786 ڏات ڌڻين جو احوال ۽ ڪلام )، ڇاپو پھريون نومبر2015ع ۽ ڇاپو ٻيو ڊسمبر 2015ع ۾ ڇپيو. (27) ”شاھَ جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ“ 2016ع ۾ ڇپيو. (28) ”شاهي ذوق شيديءَ جو“، (سُگهڙ مولا بخش شيدي جو احوال ۽ ڪلام.) جون 2016ع ۾ ڇپيو. (29) ”پرين جي پچار“، (ميهڙ جي بخاري بزرگن جي سوانح ۽ ڪلام.) 2016ع ۾ ڇپيو. (30) ”سچن جي ساراھ“ ڊسمبر (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جو نعتيہ ڪلام.) ڊسمبر 2016ع ۾ ڇپيو. (31) ”سهڻي حبيب جي نماز“، (مولوي رفيق احمد بروهي جي سنڌي ٻوليءِ ۾ ترتيب ڏنل فرضي ۽ نفلي نمازن بابت ڪتاب جي سنوار ۽ سُڌار) فيبروري 2017ع ۾ ڇپيو. (32) ”لوڪ ادب جو منظوم تعارفي مقدمو“ (طويل نظم) 16ڊسمبر 2017ع تي ڇپيو. (33) ”لوڪ ادب جو سپھ سالار“، (سگهڙ حسين بخش رڏ جي شخصيت ۽ فن.)بجون 2017ع ۾ ڇپيو. (34) ”عشق جون آهون“، (لاڙ جي شاعر وسيم احمد ٽالپر جي نعتيہ شاعري.) 2017ع ۾ ڇپيو. (35) ” تحفة الصالحين“، (حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام.) نومبر 2018ع ۾ ڇپيو. (36) ”عشق امر ذات“، (سگهڙ ارشاد علي عرضائي جو احوال ۽ لوڪ ادب شاعري.) 16 ڊسمبر 2018ع تي ڇپيو. (37) ” تُحفةالعابدين“ ( ڪوهستان جي شاعر حافظ عابد خاصخيلي جو نعتيہ ڪلام) آڪٽوبر 2019ع ۾ ڇپيو. (38) ” ثنائي سِٽُون سڪندر جون“ (لسٻيلي جي شاعر سڪندر علي دودي جي لوڪ شاعري.) نومبر 2019ع ۾ ڇپيو. (39) ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“، ڇاپو پھريون، مارچ 2019ع ۾ ڇپيو. (40) ”حضرت محمد ﷺ جا فيصلا“ سنڌيڪار: ديدار شاد گوپانگ، نظر ثاني ۽ سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري. 2019ع ۾ ڇپيو. (41) ”مديني جو سائين“ ؛ (حافظ عبدالستار سولنگي جو لکيل “نعتيہ ڪلام”.) (42) سوانح حيات فقير محمد قاسم طاهري ڪوهستاني. تصنيف؛ حافظ عابد خاصخيلي. سنوار: عاجز رحمت الله لاشاري.2020ع، ۾ ڇپيو. (43) ” سنڌ، اسلام، سائنس ۽ فلسفو “. (جديد اسلامي تحقيق ۽ ترتيب).2021ع ۾ ڇپيو. (44) ” مَھڪندڙ موتي مَڱلي جا.“ (خادم حُسين مَڱلي جي لوڪ شاعري) 14 آگسٽ 2022ع ۾ ڇپيو. (45) ”سُگهڙ سارو سچ“، سگهڙ آدم سومري جو احوال ۽ ڪلام سندس زندگيءَ ۾ ڪمپوز ٿي تيار ٿيو پر سندس وڇوڙي سبب هن وقت تائين ڇپجي ناهي سگهيو. (46) ” سنڌ جي قديم اسلامي تاريخ “. {حضرت آدم عليه السلام کان پاڻ سڳورنﷺ تائين } (تحقيق ۽ تاليف: عاجز رحمت الله لاشاري) (47) ” ادبي ذوق اڪبَرَ جو“ . (سگهڙ علي اڪبر اداسيءَ جي لوڪ شاعري) ڇپائي هيٺ. (48) ” يَڪا وَڙَ يعقُوبَ تي“ . (سُگهڙ محمد يعقوب جاگيراڻيءَ جي لوڪ شاعري) (49) ” سُگهڙائپ جِي ساڃاھ “. (لوڪ شاعري/تحقيق ۽ ترتيب: عاجز رحمت الله لاشاري. (50) سُگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري (تحقيق ۽ ترتيب: عاجز رحمت الله لاشاري. ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. (51) ” وحدت جي وائي“ (لوڪ شاعرن جو حمديه ڪلام) جون 2024ع). (52) ”مُناجات اِلاهي“ (لوڪ شاعرن جو دعائيہ ڪلام) جون 2024ع. (53) ”مَدح نامو“ (لوڪ شاعرن جي مدحيہ ۽ نعتيہ ڪلام) جون 2024ع. (54) ”مولود نامو“ (لوڪ شاعرن جو مولودن تي مشتمل ڪلام) جون 2024ع. (55) ” ولايت نامو“ (پنجتن پاڪ، خلفاءِ راشدين، امامن ۽ بزرگن جا مناقبا) جولاءِ 2024ع. (56) ”هدايت نامو“ (پھاڪا، گفتي ۽ نصيحتي لوڪ شعرن/بيتن جو مجموعو) (57) ”آزيون احمد عليءَ جون“ سگهڙ احمد علي اترادي جي لوڪ شاعري ۽ احوال. ايڊيٽر طور شائع ڪَيل ميگزين/رسالا/ اخبارون: ”سُگهڙ سماچار“ سلسليوار 9 جُلد. مليل ايوارڊ ۽ مڃتا جو اعزاز : اسڪول پڙهڻ دوران لطيف سائين جي پيغام بابت ٿيل تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مُرشد حضرت محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن هٿان زندگي جو پھريون ” اللہ کے شیر ايوارڊ“ 21 مارچ 1996ع تي مليو. دولھ دريا خان ايوارڊ، مارچ 1998ع مڪلي ۾ مليو. بھترين مُعلم ۽ مُدرس جو ايوارڊ 2 سيپٽمبر 1999ع ۾ ڪرن خان شورو، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ مليو. لاشاري تنظيم جي باني طرفان ”صحافتي مڃتا“ ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 28 فيبروي 2000ع تي مليو. حضرت جلال شاھ ايوارڊ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع تي دائود ديري لڳ شاھ پنجوسلطان، ضلع دادو ۾ مليو. ”رمزون رحمت الله جون“ ڪتاب جو مڃتا ايوارڊ، ان وقت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ مليو. ٻيو ڀيرو دولھ دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽي ۾ 13 اپريل 2003ع تي مليو. آواز گروپ لاڙڪاڻو طرفان آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي لاڙڪاڻي ۾ مليو. بھترين ليکڪ ۽ مرتب جو ”لاشار ايوارڊ“ 19 آڪٽوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو. سلات پاران ”سُڄاڻ سگهڙ مڃتا ايوارڊ “ 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو. ”لوڪ ادب مڃتا ايوارڊ“ 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو. سلات پاران ”استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ“ 27 ڊسمبر 2004ع تي ڄامشوري ۾ مليو. سيد جلال محمود شاھ هٿان ”عزت فقير ادبي ايوارڊ“ 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بُٺو، سن ۾ مليو. حضرت قلندر شھباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ ڪتاب ”رمزون رحمت الله جون“ جي اعزاز ۾ پھريون ”شهباز ايوارڊ“ ان وقت ڊي سي او علم الدين بُلو هٿان مليو. ميلاد النبي ايوارڊ پھرين مئي 2005ع تي ڄامشوري ۾ مليو. عشق رسولﷺ ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ مليو. اڪادمي ادبيات ڪراچي پاران سنڌ يونيورسٽي جي وي سي مظهرالحق صديقي هٿاران ”لوڪ ادب ايوارڊ“ 19 نومبر 2005ع تي سنڌالاجي ڄامشورو ۾ مليو. بزم روح رهاڻ ايوارڊ ڪتاب ”رنگ رحمت الله جا“ جي مھورت تقريب دوران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ حميد سنڌي هٿان 2008ع ۾ مليو. سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جو صدارتي ميڊل 23 مارچ 2013ع تي ميان صاحب ضلعي شڪارپور ۾ مليو. دي روز انٽرنيشنل ايوارڊ 2015ع ۾ مٽياري شھر ۾ ميلو. ٻيو ”شھباز ايوارڊ“ حضرت قلندر لعل شھباز جي ميلي ۾ ڪتاب ” سُھڻل جا سينگار “ ترتيب ڏيڻ جي اعزاز ۾ ٻيو ڀيرو 06 جون 2015ع تي ميلو. ٽيون ڀيرو شھباز ايوارڊ: ”سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري“ سھيڙڻ جي اعزاز ۾ 2016ع ۾ مليو. شاھ لطيف ايوارڊ: حَسن درس اڪيڊمي حيدرآباد طرفان ڪتاب ”شاھ جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ لکڻ جي اعزاز ۾ پھرئين لوڪ ادب ڏهاڙي 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو. ڊاڪٽربلوچ گريجوئيٽ ايوارڊ: بااختيار اداري ۾ 16 ڊسمبر 2016ع تي مليو. ريڊيو حيدرآباد طرفان ” لوڪ ادب ايوارڊ“: 2 جنوري 2017ع تي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ هٿان مليو. حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ لوڪ ادب ايوارڊ 20 جنوري 2017ع تي مليو. آل پاڪستان سُگهڙ ڪانفرنس جو مڃتا ايوارڊ 16 ڊسمبر 2017ع تي لعلو رائنڪ ۾ مليو. اوطاق ڪچھري ايوارڊ 10 مئي 2017ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردارعلي شاھ هٿان مليو. سگهڙ بھار علي بھار ٻُرڙو يادگار ايوارڊ، 19 جنوري 2018ع تي مليو . استاد محمد ملوڪ عباسي مڃتا ايوارڊ 2019ع عباسي ڪلھوڙا تنظيم جي سربراھ مرحُوم سردار حاجي منور علي عباسي هٿان 7 آڪٽوبر 2019ع تي مليو. ريڊيو نيٽ ورڪ جهول طرفان ”صوفي جمال الدين فقير مڃتا ايوارڊ “ 1 نومبر 2019ع تي مليو. لوڪ ادب بابت ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ جوڳي ڳوٺ گلشن حديد ڪراچي ۾ 4 جنوري 2020ع تي گل حسن گل هٿان مليو. استاد بھار علي بھار ٻُرڙو ساليانو ”مڃتا ايوارڊ“ شاعر سانول ميرالي هٿان 18 جنوري 2020ع تي مليو. جاکوڙي ايوارڊ صوبائي وزير عبدالباري پتافي هٿان پھرين فيبروري 2020ع تي ڳوٺ جمال الدين پتافي نزد باري اڏو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ مليو. ”باڪمال سگهڙ ايوارڊ“ 2019ع، درمحمد ڪمال جي ورسيءَ جي موقعي تي ٺٺ سولنگي/دليپوٽا ضلعي نوشهروفيروز ۾ سينيئر صحافي منظور سولنگي هٿان مليو. موهن جو دڙو اڪيڊمي طرفان پيرل مڱريو مڃتا ايوارڊ 2020ع ۾ مليو. 2 فيبروري 2020ع تي پنجاب جي ڏات ڌڻي سگهڙن پاران اوٻاوڙي شھر ۾ سربراھ طور اعزازي پڳ پارائي. 13 رجب 1442ھ 2021ع تي ”جشن مولود ڪعبه مڃتا ايوارڊ“ فقير محمد سليم سيال اويسي قادري صدر صلوات ڪاميٽي خيرپور ميرس طرفان مليو. راجن پور پنجاب ۾ سرائڪي پَٽيءَ جي سُگهڙن طرفان مارچ 2023ع ۾ تنظيمي سربراھ جي اعزاز طور دستاربندي ڪرائي. سيدنا غوث اعظم دستگير سگهڙ ڪانفرنس ملير ڪراچي ۾ 20 نومبر 2021ع تي ”باڪمال سُگهڙ ايوارڊ“ جي نالي سان مليو. ڀٽائي آباد، ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر 2021ع تي ”محقق، ڏاهو“ مڃتا ايوارڊ مليو. ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان “شاھ لطيف عالمي ايوارڊ“ 13 سيپٽمبر 2022ع تي حيدرآباد ۾ مليو. ايوارڊ ۾ عُمري جي ٽڪيٽ: مدح خواني ۽ علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ ديني خدمتُن عيوض عُمرو شريف ادا ڪرڻ لاء فقير محمد اسماعيل جکراڻي غفاري، قادري، نقشبندي صاحب المعروف حيدرآباد واري سائين جن ايوارڊ طور ڀلي پار جي سڳوري سفر عُمري شريف جِي ٽڪيٽَ عنايت ڪئي، جنهن بعد مڪةالمڪرمه ۽ مدينةالمنوره (حرمين شريفين) جو پھريون سفر 29 آڪٽوبر 2023ع کان 27 نومبر 2023ع تائين رهيو. مرڪزي تنظيم علماءِ اهلسنت وجماعت ڄامشورو طرفان. ”مڃتا ايوارڊ“ پھرين جنوري 2023ع تي مليو. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ پاران درسي نصاب ۾ ”سنڌي ڪتاب چوٿين درجي“ جو سبق پھريون، ”حمد باري تعالىٰ“ (شاعر: عاجز رحمت الله لاشاري) پرائمري اسڪولن جي نصاب ۾ پڙهايو پيو وڃي. پھرين تاج پوشي: لوڪ ادب خدمتن جي مڃتا طور علامہ فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ جي درگاھ تي لعلو رائنڪ شھر تعلقو وارھ ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولابخش شيدي پاران پھريون ڀيرو چانديءَ جو تاج 08 آگسٽ 2015ع تي پارايو. ٻيو ڀيرو تاج پوشي: 16ڊسمبر2017ع تي ٻيو ڀيرو، ساڳئي هنڌ لعلورائنڪ ۾ پنج تولا سونو تاج مليو جيڪو بيمار سُگهڙن جي علاج لاء وقف ڪري ڇڏيو. ٽين تاج پوشي ۽7 رنگي گلن ۾ تورڻ جو اعزاز : 23 مارچ 2019ع تي ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جو تاريخي جائزو“ جي تحقيق ۽ ترتيب واري اعزاز سان گڏ لوڪ ادب جي خدمتن جي مڃتا طور علامه فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ جي درگاھ تي لعلو رائنڪ شهر تعلقي وارھ ضلعي قمبرشهدادڪوٽ ۾ سگهڙ مولا بخش شيدي ۽ سلات تنظيم جي مرڪزي سرپرست اعليٰ نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ۽ ٻين عھديدارن قيمتي هيرن سان جڙيل سونو تاج پارائي سَت رنگي گُلن ۾ توريو هئو، جيڪو اعزاز هڪ سُگهڙ لاء پھريون تاريخي اعزاز آهي. اهو تاج بہ عاجز ان ئي موقعي تي بيمار ڏات ڌڻين جي علاج لاء وقف ڪري سگهڙ مولابخش شيدي کي واپس ڏئي ڇڏيو. نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ خِلافت: 27جنوري 2019ع تي سنڌ جي روحاني شخصيت ۽ صوفي بزرگ حضرت خواجا مُحمد طاهر المعروف محبوب سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العاليه جن نقشبندي طريقي/سلسلي ۾ نيابت سان نوازيندي درگاھ الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ خلافت جو اعزاز عطا فرمايو. سنڌي مولود : ننڍپڻ کان سمجھ ۽ شعور ايندي مولود ڳائڻ شُروع ڪيا، اڳتي هلي مولودن ڳائڻ وارن ۾ هڪ خاص اهميت ملي. مولودن جون شائع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي: مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع. منظر پيارو مدينو آ A.A جنوري 2001ع . مٿيان ٻئي آڊيو البم محترم محمد قاسم ماڪا پاران رليز ڪيا ويا آهن. ناز پروڊڪشن پاران رليز البم: ڏسان شهر مدينو آڪٽوبر 2002ع. مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع . هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع. مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع . منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع . وڊيو سي ڊي جون 2004ع . منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون. جڏهن تہ مھراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا. اسلامي ادبي خطابات: تفرقي بازي ۽ سياسي تضاد کان پاڪ نج اسلامي موضوعن جا 500 جي لڳ ڀڳ خطاب يوٽيوب چينل عالمي اوطاق تي مختلف موضوعن ۾ موجود آهن. نج لوڪ ادب بابت فيس بُڪ لائيو جا نشر ڪيل 200 پروگرام عالمي اوطاق فيس بُڪ پيج تي پڻ موجود آهن. اسلامي سطح جا نج سنڌي زبان ۾ صرف قرآن پاڪ جي تفسير جا 50 پروگرام، ”سَئين راهه“ فيس بڪ پيج تي موجود آهن. پي ٽي وي: “ڪچھري پروگرام” جو ميزبان. ڪي ٽي اين: ”ڪچھريءَ جا مور“ پروگرام ۾ ممتاز امين سنياسي سان گڏ ميزباني. سنڌ ٽي وي: ”اوطاق“ پروگرام ۾ حاجي رحيم بخش قريشي سان گڏ ميزباني. سنڌ ڪچھري.(ظفر هڪڙو سان گڏ) مھراڻ ٽي وي: جي ادبي، ثقافتي ۽ ديني پروگرامن، ”ڳالهيون ڳوٺاڻن جون“ ”ٻارن جو رمضان“. ”ڀلارو رمضان“. ”عظمَتِ رمضان“. ”محفلِ ميلاد“. ”شَبِ قدر“. ”شَب برأت“ جي خصوصي پروگرامن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ۽ ميزبان. ريڊيو پاڪستان ڪراچي: ”لوڪ ادب ڪچھري“ جو ميزبان. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد: ”23 مارچ يومِ پاڪستان لوڪ ادب ڪچھري“ جو ميزبان. 14 آگسٽ جشن آزادي ”لوڪ ادب ڪچھري“ جو ميزبان. ثقافت کاتو، حُڪومت سنڌ جي ميزباني هيٺ. شاھ لطيف سُگهڙ ڪچهري. ڪيفي ثقافت اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ”لوڪ ادب ڪچھري“. مچ ڪچھري. پروگرامن جي ڪمپيئرنگ/ميزباني جو اعزاز پڻ ملندو رهي ٿو. 📜 Detailed Introduction, Literary Services, and Honors of Aajiz Rahmatullah Lashari Personal Details Full Name: Mir Rahmatullah Literary Name: Rahmatullah "Aajiz" Lashari Pen Names (Takhallus): Aakash and Aajiz Father's Name: Faqeer Shah Nawaz son of Jalal Khan son of Jamal Khan son of Kamal Khan son of Shahdad Khan son of Dhingano Khan son of Hurra Khan son of Manga Khan. Tribe/Nation: Sindhi Baloch Clan/Sub-Tribe: Lashari Sub-Clan (Paro): Ahdiani Date of Birth: According to the school certificate, January 02, 1982 AD, corresponding to Rabi al-Awwal 5, 1402 Hijri. Place of Birth: Dargah Faqir Pur Sharif near Radhan Station, Dadu District. (Note: Aajiz was born in his maternal grandparents' home in Faqir Pur. His father was residing in the village of Haji Mir Muhammad Lashari on the southern bank of the Dhamrah Wah canal, above Mehar. Due to an unavoidable conflict over an honor issue, the family migrated in 1986 and settled in the village of Bindi, near Mohenjo Daro, which is the birthplace of the famous Sindhi scholar, Comrade Sobho Gianchandani.) Educational Start: April 1987 at Government Primary School Village Bindi, Taluka Dokri, District Larkana. (In school, he learned the alphabet from the late Ghulam Qadir Sario, and later, Master Muhammad Amin Mangi and Comrade Zubair Ahmed Jakhro were also his teachers for some classes). Nazra Quran: Completed the Nazra (reading) of the Holy Quran during primary education under the late Master Maulvi Muhammad Salih Lakhi, the village's Imam. Qira'at (Recitation) and Tajweed (Rules): Gained knowledge of the rules and regulations of the Holy Quran and memorized some Surahs under Hafiz Muhammad Bakhshal Chani, the teacher at Madrasa Muhammadi Noor-ul-Huda in the nearby village of Baradi Sario. English Education: Enrolled in Government High School Moen Jo Daro in September 1994 while still studying at the Madrasa. During this period, upon his mother’s insistence, he spent 1995-1997 at Dargah Allah Abad Sharif, Kandiaro, District Naushahro Feroze, receiving spiritual and necessary religious education in the company of his spiritual guides, Hazrat Qibla Mehboob Sajan Sain Madzillahul Aali. After receiving basic education at Darbar Allah Abad Sharif, he served as Deputy Imam at Madina Mosque, New Labor Colony, Kotri, under the guidance of his maternal uncle Maulvi Sirajuddin Lashari. During this time, he continued his remaining education at Degree College Kotri and he has a B.A. degree from Sindh University Jamshoro, while also enrolling in religious studies at Madrasa Rukn-ul-Islam Hirabad, Hyderabad. Nikah (Marriage Contract): Was solemnized by his parents during his student life on April 23, 1992, with his first cousin in Toufiq Colony, Dadu. Wedding: Took place a few years later on May 2, 1999, at the Jama Noor-e-Muhammadi Mosque in the village of Karan Khan Shoro, Qasimabad, Hyderabad, while he was serving as its Imam. A gathering of folk artists (Sughars) was held at the wedding, where Sughar Mumtaz Ali Abbasi (son and successor of Ustad Muhammad Malook Abbasi), the famous Sughar of Mori (late) Rahmatullah Abbasi, and (late) Haji Iqbal Ahmed Junejo presented folk literature. Children: Currently has two daughters, Kaniz Fatima and Urooj Fatima, and one son, Muhammad Hassan (born September 28, 2010). (Previously, an innocent son was stillborn at Civil Hospital Hyderabad, and another son, Muhammad Sibghatullah, passed away at the age of 6 months due to a hole in the heart.) Literary and Artistic Services Start of Poetry: Began writing Maulood Sharif (poems in praise of the Prophet PBUH) in 1990 in the company of his younger maternal uncle, Nisar Ahmed Lashari, during his student days. First Step in Sughar (Folk Artist): In 1997, along with his poet friend and nationalist worker Comrade Qalandar Bakhsh Sario, he met the ever-living Sughar Ustad Faqir Muhammad Malook Abbasi (R.A.) and got the opportunity to learn and write folk art. Driven by passion, and at the wish of Ustad Muhammad Malook Abbasi, he first presented his art of Sughar on stage at the Sindh Sughar Conference during the Mela of Hazrat Qalandar Lal Shahbaz in 1997. Start of Journalism: While learning the art of oratory and imamat under his maternal uncle Maulvi Sirajuddin Lashari at Madina Mosque, Labor Colony, Kotri, he developed an interest in journalism. His official start was in 1998 as a correspondent for the daily Alik newspaper, during which he also hawked the paper (started writing columns and articles). After serving as the editor of the monthly Lashar newspaper, he later became the founder and chief editor of the sequential literary magazine "Sughar Samachar" (Journal of the Sughars and Folk Literature) in November 2005. Before that, in April 2005, he co-hosted the Sindh TV program "Otaq" with Sughar Haji Rahim Bakhsh Qureshi, under the direction of Ghulam Rasool Chandio. In 2007, he took charge as the director of the Sughars' program "Galhiyoon Gothanan Joon" on Mehran TV and also recorded many religious programs, including "Bhalaro Ramzan." He also served as the General Secretary of the National Press Club Jamshoro during his time as a reporter for Mehran Newspaper and Dharti TV channel for Jamshoro district. Publications: His columns, articles, and reports have been published in numerous newspapers and magazines, including Sawal, Bakhtawar, Alik, Kawish, Koshish, Ibrat, Lashar, Sindh Line, Sobh, Jeejal, Sukar, Hilal Pakistan, Awami Awaz, Mehran, Irado, Barkha, Paak, Fast Time, Sindh Dharti, Imkan, and continue to be published today. Imamat (Leading Prayer) and Khitabat (Oratory): Served as Deputy Imam at Madina Mosque, New Labor Colony, Kotri, in 1997, and later in the village of Karan Khan Shoro, Qasimabad, Hyderabad, in late 1997 and early 1998. Due to new construction at the mosque, he served as orator and Imam at Noorani Mosque, MCP WAPDA Colony, Jamshoro, from January 2002. Since the completion of the mosque's building, he has continuously served as Imam and Orator, along with providing religious education Fi Sabilillah (for the sake of God), in the village of Karan Khan Shoro from August 23, 2008, to the present. PTV Programs: First program "Kachahri" on PTV with the prominent Sindhi figure Fateh Khan (Syed Salih Muhammad Shah) on January 15, 2004, followed by "Sindh Namoon" and "Lok Adabi Mehfil" in June 2004. Later, he also had the honor of hosting the "Kachahri" program on PTV on November 26, 2016. Radio Programs: Received approval through an audition at Radio Station Hyderabad, after which he recorded his first program, "Soon Warni Dharti," with Syed Salih Muhammad Shah/Fateh Khan on November 3, 2004, during which Syed Salih Muhammad Shah also introduced his first folk literature book, "Ramzoon Rahmatullah Joon." Much later, on October 17, 2016, he aired a special program, "Lok Adab Kachahri," on Radio Karachi at the request of the then Station Director Kausar Buriro, where he also served as the host. Published Works (Books) Aajiz has authored, compiled, or edited 57 books/volumes of poetry, research, and composition to date. (A detailed list of the 57 books is provided in the original text, spanning from "Rahmat Ja Khazana" (Vol. 1) in 1999 to works upcoming in June/July 2024, including directories of Sughars, poetic compilations, and historical/research works.) Magazines/Journals Edited "Sughar Samachar" (9 sequential volumes) Awards and Honors He has received a large number of awards and honors for his services, including: "Allah Ke Sher Award" (First life award) from Murshid Hazrat Mehboob Sajan Sain (March 21, 1996). Dulah Darya Khan Award (March 1998 and April 13, 2003). Best Teacher/Preacher Award (September 2, 1999). Journalistic Recognition Award from Lashari organization (October 19, 1999). Ustad Muhammad Malook Abbasi Award from Dr. Nabi Bakhsh Khan Baloch (February 28, 2000 and December 27, 2004). Hazrat Jalal Shah Award from Tajal Bewas (December 18, 2002). Recognition Award for the book "Ramzoon Rahmatullah Joon" from the Provincial Minister of Culture, Shabbir Ahmed Qaimi (October 13, 2003). Shahbaz Award at Hazrat Qalandar Shahbaz Mela (2003, 2015, and 2016). Lok Adab Award from Academia Adbiyat Karachi (November 19, 2005). Shah Latif Award from Hasan Daras Academy Hyderabad (December 16, 2016). Dr. Baloch Graduate Award (December 16, 2016). Umrah Ticket Award: Received a ticket for the blessed journey of Umrah from Faqeer Muhammad Ismail Jakhrani Ghufari, Qadri, Naqshbandi Sahib (also known as Hyderabad Wara Sain) in recognition of his Madah Khwani and his academic, literary, social, cultural, and religious services. His first Umrah pilgrimage to Makkah and Madina was from October 29 to November 27, 2023. Curriculum Inclusion: His first lesson, "Hamd Bari Ta'ala" (Poet: Aajiz Rahmatullah Lashari), from the Sindhi Book for Grade 4, is being taught in the curriculum of primary schools by the Sindh Education Foundation, Government of Sindh. Honors - Turban/Crowns First Crown: Received the first silver crown on August 8, 2015, from Sughar Moulabakhsh Sheedi at the Dargah of Allama Faqeer Hidayat Ali Najafi "Tarik" in Lallu Raineck, Taluka Warah, District Qamber-Shahdadkot, in recognition of his folk literature services. Second Crown: Received a five-tola gold crown on December 16, 2017, at the same place, which he donated for the treatment of sick Sughars. Third Crown and Weighing in Seven-Colored Flowers: On March 23, 2019, he was crowned with a gold crown embedded with precious stones by Sughar Moulabakhsh Sheedi, the Central Patron-in-Chief of the Sughars Association (SALAT), Dr. Kamal Jamro, and other officials, and was weighed in seven-colored flowers, in recognition of his research and compilation of the book "A Historical Review of Sindhi Folk Literature." This was a historic first for a Sughar. He immediately donated this crown for the treatment of ailing artists. Spiritual Authority Khilafat (Successorship) in the Naqshbandi Order: Was honored with the title of Khilafat (representing the spiritual lineage/succession) in the Naqshbandi order by the spiritual personality and Sufi saint of Sindh, Hazrat Khawaja Muhammad Tahir, famously known as Mehboob Sajan Sain Dumat Barkatahum Al-Aali, on January 27, 2019, at Dargah Allah Abad Sharif Kandiaro. Broadcast Media (Selected Programs) PTV: Host of the "Kachahri Program." KTN: Co-host of the "Kachahri Ja Mor" program with Mumtaz Amin Saniasi. Sindh TV: Co-host of the "Otaq" program with Haji Rahim Bakhsh Qureshi. "Sindh Kachahri" (with Zafar Hikro). Mehran TV: Program Director and Host for literary, cultural, and religious programs including "Galhiyoon Gothanan Joon," "Balan Jo Ramzan," "Bhalaro Ramzan," "Azmat-e-Ramzan," "Mehfil-e-Milad," "Shab-e-Qadr," and "Shab-e-Barat." Radio Pakistan Karachi: Host of "Lok Adab Kachahri." Radio Pakistan Hyderabad: Host of "March 23 Pakistan Day Lok Adab Kachahri" and "August 14 Independence Day Lok Adab Kachahri." Sindhi Folk Literature History (SALAT Sindh) Website: Aajiz launched the national literature website SlatSindh.Org on the internet server on November 1, 2025, after a great deal of enthusiasm and passion.
