سنڌسُگهڙلوڪ ادب تنظيم
سلات جو پَڌرنامون (جوڙجَڪ_آئين_منشور)
آئين مرتب ڪندڙ
عاجز رحمت الله لاشاري
باني چيئرمين؛ سلات
پيش_لفظ
جڏھن زماني اندر ڪنھن خاص طبقي سان واڳيل ماڻھن مٿان ناانصافين، بدسلوڪين ۽ ظُلمن جا پھاڙ ِڪرندا آھن تڏھن انھن کي ھڪ اھڙي پليٽ فارم جي ضرورت ھوندي آھي جنھن تان ھو پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ جنگي محاذ جوٽي سگھن. اھڙي قسم جي جدوجھد لاءِ جوڙيل ان منظم ۽ متحد پليٽ فارم کي " تنظيم " جو نالو ڏنو ويندو آھي. ھونءَ به تنظيم، معاشري اندر مثبت تبديليون آڻي انصاف پسند نظام جي قيام ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ ھلائي ويندي آھي.
تنظيم جي ڪارڪن جو ڪردار ۽ عمل نه رڳو معاشري لاءِ ھڪ مثال بڻجندو آھي پر ان جي گفتار ۽ ڪردار کي ڏسي ماڻھن اندر نئون جذبو ۽ سچائيءَ جي سوچ جنم وٺندي آھي ۽ جنھن ڪارڪُن يا ميمبر جو ڪردار ۽ عمل اھڙو نه ھوندو آھي ان کي ڪو به سچو ڪارڪن تسليم نه ڪندو آھي.
تنظيم جي ضرورت
*سُگھڙن کي تنظيم جي ضرورت محسوس ڪيئن ٿي.؟ اھو وڏو بَحث آھي جنھن تي خدا چاھيو ته ڪڏھن تاريخي تبصرو ڪبو. ھينئر صرف سلات جو آئين ۽ منشور ڏيڻ سان گڏ سُگھڙ ساٿين لاءِ ڪُجھ اھم نُڪتا لکجن ٿا جن تي ھر ھڪ سُگھڙ ڀاءُ کي غور و فڪر ڪري پنھنجو پاڻ فيصلو ڏيڻ گھرجي ته واقعي مون ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ جو جذبو آھي يا سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتيءَ/مُلڪ لاءِ ٻوجھ بڻيل آھيان.
ميمبرجوڪردار
(1)
سلات ۾ شامل ميمبر يا عھديدار کي ھر موقعي ۽ ھر معاملي ۾ مُنصف رھڻ گھرجي پوءِ اھو مسئلو پاڻ سان ھجي يا ڪنھن ٻئي سان، ڇو ته سڀ کان پھرين پاڻ کي پرکيون ۽ پاڻ ۾ صبر و تحمل، بردباري ۽ قُوت برداشت پيدا ڪريون. ڇو ته پاڻ ئي انصاف واري نظر نه رکنداسين ته ٻئي کان چڱائيءَ جي اميد ڪھڙي رکي سگھجي ٿي!. تنظيمي معاملا ھجن يا غير تنظيمي"سلات" ۾ شامل ھر شخص کي ھر جڳھ ۽ ھر معاملي ۾ انصاف جو دامن ڇڏڻ نه گھرجي، ڇو ته انصاف جو عمل، اتحاد ۽ اتفاق، پيار ۽ محبت پيدا ڪري ٿو. جڏھن ته بي انصافي جي نتيجي ۾ انتشار ۽ نفرتون پيدا ٿين ٿيون.
(2)
سلات جي سُگھڙ کي سدائين سچ ڳالھائڻ گھرجي ڇو ته ڪُوڙ ھر سُگھڙ جي ڪردار کي تباھ ڪرڻ جو اھم سبب آھي. ياد رکڻ گھرجي ته ڪوڙ، منافقت، رياڪاري ۽ ڌوڪي جي پيدائشي پاڙ آھي. جيڪو سگھڙ ڪوڙ ۾ ڪاھي پوي اھو اڳتي ھلي "سلات" جي سُگھڙن کي به ڌوڪو ڏئي سگھي ٿو. ڪنهن به سُگھڙ کي حق جي ڳالهه تي پردو رکي ڪوڙ ڳالھائڻ قطعي طور زيب نه ٿو ڏئي. جيڪڏھن پاڻ ۾ ڪا خامي ھجي ته ان کي تسليم ڪرڻ کپي ڇو ته ھڪ ڪوڙ لڪائڻ لاءِ سئو ڪوڙ ٻيا به ڳالھائڻا پون ٿا.
(3)
سگھڙن جي ساٿ ۾ شامل "سلات" جي ھر سُگھڙ ڀاءُ کي پنھنجو ذاتي ڪردار عام ماڻھن لاءِ مثالي بڻائڻ گھرجي.
ڏٺو وڃي ته ھر سُگھڙ سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار، لطيف سائين جو پرچارڪ ۽ ڪائنات جي ڪارڻي حضرت مُحَمّدۡ مُصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم جو ثناگر آھي ۽ پاڪ ثنا ڪرڻ واري کي ڪڏھن به نشي آور شين جو استعمال نه ٿو جڳائي، ساڳيءَ زبان سان محبوبن ۽ پنجتن پاڪ جي مداح به ڳائي وري گارگند ڏيڻ، ڪوڙا قسم کڻڻ، پنھنجي عھدي يا تنظيم کي پنھنجي ذاتي مفاد طور استعمال ڪرڻ، ڪنھن جي مجبوريءَ جو غلط فائدو وٺڻ، "سلات" جي سگھڙ کي نه ٿو جڳائي.
(4)
سلات جي ھر سُگھڙ کي پنھنجي گھمڻ، ڦرڻ، اٿڻ، ويھڻ، ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو انداز به سُڌارڻ گھرجي. ڳلي جا بٽڻ کولي گھمڻ، ميرا ڪپڙا پائي گھمڻ، صفائي سٿرائيءَ جو خيال نه رکڻ، ڪنھن به سُگھڙ کي نٿو جُڳائي، ھونءَ به جيڪو بھترين انسان ناھي اھو تنظيم جو همدرد ساٿي به نه ٿو بڻجي سگھي.
(5)
سلات جي سُگهڙ ساٿيءَ کي ڪنھن سان به واعدو ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گھرجي ته واعدو وفا به ڪري سگھندس يا نه .! ڇو ته جنھن سُگھڙ ۾ واعدي خلافي جي عادت ھوندي اھو اڳتي ھلي تنظيم سان به ڌوڪو ڪري سگھي ٿو.
(6)
سلات ۾ شامل سگھڙن کي ثابت قدميءَ جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ڪجھ سُگھڙ رڳو سُک جا ساٿي ھوندا آھن. ٽي وي پروگرام يا سرڪاري ميلن ۽ ٻين تقريبن جا دعوت نامه ملڻ واري لالچ ۽ لوڀ سبب ھر وقت رابطي ۾ رھن ٿا پر جڏھن تنظيم جي طرفان اصل مقصد تحت جاکوڙڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي ٿو ته اھي بھانا بڻائي فقط پنھنجن ڪَمن تائين محدود ٿي ويندا آھن ۽ تنظيم پاران مليل حُڪمن باوجود ان تي عمل نه ڪندا آھن.
ياد رکو! جيڪو ذاتي مفاد ۽ انا جي ڪري ڦري وڃي اھو سچو سُگھڙ ۽ "سلات" جو سچو ميمبر ثابت نه ٿو ٿي سگھي.
(7)
سلات جو ميمبر ڪڏھن به غرور ۽ تڪبرُ نه ڪندو آھي ڇو ته غرور ۽ تڪبرُ اناپرستي جي نشاني آھي ۽ اناپرستي جو عمل تنظيم لاءِ قاتل زھر جي برابر آھي. ڇو ته اھو عمل انفرادي يا ذاتي مفاد ڏانھن ڇڪي وٺندو آھي ۽ ذاتي مفاد رکندڙ سُگھڙ تنظيم لاءِ تباھيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو.
(8)
سلات ۾ شامل سمورن سُگھڙن کي، ادب، ثقافت، مذھب ۽ تاريخ جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گھرجي ڇو ته اڳوڻي دؤر ۽ موجوده وقت جي ماڻھن ۾ شعوري طور وڏو فرق آھي. اڳوڻي دؤر جا سُگھڙ اڪثر ولايت جا صاحب ھئا ۽ فقيريءَ جي رنگ ۾ حقيقي طور رنڱيل ھئا کين ھمت، جرئت، صبر، بردباري جو جذبو قدرت طرفان مليل ھو ان ڪري کين ڪو به ڪنھن قسم جو اڻوڻندڙ سوال نه ڪندو ھو ۽ اڄ جي دؤر ۾ ھر ماڻھو علم رکي ٿو ان ڪري سُگھڙ کي پنھنجي پاران لکيل ھر تخليق جي تحقيق ھجڻ ضروري آھي.
(9)
سلات جو ھر سُگھڙ پنھنجي مادري زبان "سنڌي ٻوليءَ" جو تحفظ يقيني طور سمجھي ۽ ڪوشش اھا ڪري ته پنھنجي تخليق ۽ گفتگو ۾ نج ٻولي استعمال ڪري. خاص ڪري لوڪ ادب جي واڌ ويجھ ۽ سهيڙ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
مٿي بيان ڪيل پيش لفظن کي نظر ۾ رکندي پنھنجي پُرخلوص اعتماد جو مظاھرو ڪندا ته انشاءالله لوڌ ادب اڃا به سگھارو ٿيندو.
پڌرنامو:
تنظيم جو پورو نالو: سنڌ سگھڙ لوڪ ادب تنظيم
تنظيم جو گڏيل نالو: "سلات"
تنظيمي ڪم ڪار جو دائرو: سنڌ / پاڪستان تائين. "وقت جي ضرورت مطابق وڌائي به سگھجي ٿو".
تنظيم جي دفتري زبان: صرف سنڌي ۽ ڪاغذي لکپڙھ اردو/ انگلش ۾ به ڪري سگھجي ٿي.
تنظيم جو مرڪزي دفتر: باني جي رھائش گاھ تي ئي ھوندو.
دفعه نمبر1. ميمبر_شپ_جوطريقه_ڪار:
(1) ھر سُگھڙ ھن تنظيم جو باقائده ميمبر ٿي سگھي ٿو.
(2) تنظيم جي آئين سان پوري طرح متفق ھجي.
(3) لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ خدمت جو جذبو رکندڙ ھجي.
(4) سمورين غير اخلاقي ۽ غير قانوني حرڪتن کان پري رھندڙ ھجي.
(5) ڪنھن اھڙي تنظيم يا اداري سان واسطو رکندڙ نه ھجي جيڪا ملڪي سلامتي ۽ "سلات" جي آئيني مقصدن جي مخالف ھجي.
(6) لوڪ ادب سان چاھُ رکندڙ ھر فرد "سلات" جي ميمبر شپ حاصل ڪري سگھي ٿو.
(7) سنڌ جا صوفي لوڪ فنڪار ۽ صحافي به ميمبر بڻجي سگھندا.
(8) صرف سنڌي مولودائي "سلات" ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.
(9) سُگھڙائپ جو شوق رکندڙ نئين ٽھي جو شاعر به ميمبر شپ حاصل ڪري سگھي ٿو.
دفعه نمبر2. ميمبرلاءِلاڳوپابنديون:
(1) ميمبر شپ جي داخلا فارم فيس 10/- روپيه ۽ ماھوار فيس 20/- روپيه ادا ڪرڻ جو پابند ھوندو.
(2) ٽن مھينن تائين ماھوار فيس ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ميمبر شپ تان پاڻ مرادو برطرف ٿي ويندو.
(3) ميمبر لاءِ 2 عدد پاسپورٽ سائيز تصويرون ۽ نادرا پاران جاري ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ جي ڦوٽو ڪاپي ڏيڻ لازمي ھوندي.
(4) ميمبر جو ميمبر شپ فارم"سلات" جي ٻن نامور سگھڙن جي تصديق کان پوءِ قابل قبول ھوندو.
(5) تنظيم پاران ڪنھن ھنگامي صورت ۾ اضافي فيس ڏيڻ جو پابند ھوندو.
(6) تنظيم کي ذاتي مفاد طور استعمال نه ڪندو.
(7) تنظيم جي مرڪزي باڊي جي گڏيل فيصلي کي مڃڻ جو پابند ھوندو.
دفعه نمبر3. ميمبرجوحق:
(1) "سلات" جي ھر ميمبر کي تنظيم جو "ادبي سڃاڻپ ڪارڊ" ڏنو ويندو.
(2) تنظيم جي ڪنھن به عھدي تي جمھوري طريقي ۽ آئيني پابندين تحت بيھڻ جو حق رکندو. هي حق لوڪ فنڪار کي حاصل نه هوندو جڏهن ته صحافي پريس ترجمان جي عهدي تي بيهي سگھي ٿو.
(3) "سلات" طرفان ٿيندڙ ھر تقريب ۾ شريڪ ٿي سگھندو.
(4) "سلات" جو تعلقي يا ضلعي باڊي چونڊجڻ دؤران ووٽ جو حق رکندو.
دفعه نمبر4. سلات جابنيادي مقصد:
(1) سنڌ جي سڀني سُگھڙن جي ادبي جاني ۽ مالي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
(2) سنڌي لوڪ ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ جدوجھد ڪرڻ.
(3) سنڌ سميت پوري پاڪستان جي سُگھڙن کي ريڊيو، ٽي وي، پرنٽ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي متعارف ڪرائڻ .
(4) بيمار سگھڙن جي علاج ۽ غريب سگھڙن جي مالي مدد لاءِ ذاتي امداد سميت سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن توڙي سَرنديءَ وارن کان تعاون حاصل ڪرڻ.
(5) سنڌي لوڪ ادب کي وڌيڪ روشناس ڪرائڻ لاءِ سُگھڙن جا پرڏيھي ملڪن ڏانھن وفد موڪلڻ لاءِ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن کي سفارش ڪرڻ.
(6) سموري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سگھڙ ڪانفرنسون، اوطاق ڪچھريون قائم ڪرڻ.
(7) غريب سگھڙن جا ڪتاب ڇپرائڻ.
(8) نوجوان سُگھڙن ۽ شاعرن کي لوڪ ادب جي صنفن جي باقائده سکيا ڏيڻ.
(9) سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ توڙي پچار ڪرڻ.
(10) سنڌ اندر ٿيندڙ غير اخلاقي، غيرقانوني ۽ سماجي براين خلاف سگھڙائپ ذريعي عوام ۾ سجاڳي جو شعور پيدا ڪرڻ.
(11) گذاري ويل علمي ادبي شخصيتن، تعليمي، ثقافتي سرگرمين توڙي سُگھڙن جي ياد جا پروگرام ڪرائڻ.
(12) ھي تنظيم غيرسرڪاري، غيرسياسي ھوندي ۽ ھن جو فرقيواريت سان ڪو به واسطو نه ھوندو، تنظيم جي صرف ادبي سڃاڻپ ھوندي، فڪر صوفيانه / لطيفي ھوندو.
(13) تنظيم جا ميمبر يا عھديدار تنظيم پاران قائم ڪيل ڪنھن به اداري جا پگھاردار ملازم نه ھوندا.
دفعه نمبر5. سلات جي مرڪزي باڊي
1. باني
2. مرڪزي صدر
3. سينيئر نائب صدر
4. جونيئر نائب صدر
5. نائب صدر
6. سيڪريٽري جنرل
7. ڊپٽي سيڪريٽري
8. جوائنٽ سيڪريٽري
9. خزانچي
10. ثقافتي سيڪريٽري
11. اطلاعات/پريس سيڪريٽري
12. آفيس/دفتر سيڪريٽري
13. سوشل ميڊيا سيڪريٽري(اعزازي)
نوٽ
مٿي ڏنل سلات جو پڌرنامو / جوڙجڪ (آئين ۽ منشور) بتاريخ 23 جنوري 2016ع تي رتوديرو شهر ضلعو لاڙڪاڻو ۾ "سلات" جي باني عاجز رحمت الله لاشاري جي صدارت هيٺ ڪوٺايل مرڪزي اجلاس ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد تنظيم کي سرڪاري سطح تي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ پاس ڪيو ويو.
ڄاڻايل اجلاس ۾ ڪيل فيصلي بعد تنظيم کي بتاريخ پهرين فيبروري 2016ع تي حڪومت سنڌ کان رجسٽريشن آف سوسائٽيز ايڪٽ (XXI of 1860) تحت رجسٽرڊ نمبر 8070 مليو.

