محمد ملوڪ عباسي

سگھڙ بايوگرافي

محمد ملوڪ عباسي — Biography
محمد ملوڪ عباسي portrait
Place of Birthڳوٺ محمد خان ڪلھوڙو، لڳ مُھين جو دڙو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ.
Date of Birth1944-12-13

About

جديد سگهڙائپ جو سرواڻ ”استاد سُگهڙ محمد ملوڪ عباسي“ رحہ تحرير : رحمت ﷲ عاجز لاشاري . ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌي لوڪ ادب جي تحقيق، ترتيب، ترويج ۽ ترقيءَ سان گڏ تعارف ۽ حفاظت جو بنيادي ڪم تعلقي ڏوڪريءَ جي ڏاهي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي شروع ڪيو، جنهن کي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت ٻين مُحققن عُروج تي پهچايو ۽ ھن وقت اهي سڀئي ڪوششون سگهڙن جي تنظيم ”سلات“ ۽ ٻيا ذاتي جذبي تحت ڪري رهيا آھن، پر اسانجي حڪومت ۽ ادبي ادارن پاران سنڌي لوڪ ادب کي گهُربل موٽَ ڏيڻ لاء مستقل بنيادن تي ڪي به اُپاءَ ناهن ورتا ويا. ليڪن ثقافت کاتي جون ڪرايل ڪچهريون ۽ سُگهڙ ڪانفرنسون ان کان الڳ آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي لوڪ ادب کي بچائڻ لاء عملي جدوجهد ڪرڻ ۾ لوڪ ادب جون تخليقون سرجيندڙ ڏات ڌڻين جو ڪارائتو ڪردار رهيو آھي. انهن ڪارائتن ڪردارن ۾ تحريري، تنظيمي ۽ تشريحي ڪم ڪرڻ لاء ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ ٻين اديبن کي سنڌ اندر جهڙي طرح سگهڙن جي بادشاھ استاد محمد ملوڪ عباسي اتساھ ڏئي لوڪ ادب کي جيئندان ڏيارڻ لاء پاڻ پتوڙيو، اهڙو ڪم لکت ۾ اڄ تائين سڄي سنڌ اندر ڪنهن جو به نظر نٿو اچي. ايم آر ڊي تحريڪ هُجي يا ون يونٽ وارو دؤر، ڪالاباغ ھُجي يا سنڌ جي وحدانيت تي وار، انهن سڀني سنڌ جي قومي مسئلن کي لوڪ ادب جي لاتين ۾ آڻي هن بادشاھ سُگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي قومي ادب جو نظريو متعارف ڪرايو ۽ بعد ۾ سندس پوئلڳ سگهڙن به پنهنجي استاد واري ٻُڌايل واٽ وٺي ڏور، ڳجهارت، هُنر، پهاڪن ۽ پرولين سان گڏ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي قلم کنيو جيڪا روايت اڄ به سندس ئي شاگرد سگهڙ قائم رکندا پيا اچن. موهن جي دڙي ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ 13 ڊسمبر 1944ع تي جنم وٺندڙ جديد سُگهڙائپ جي باني ۽ سگهڙن جي هن بادشاھ سُگهڙ لوڪ ادب ۽ ٻولي بچائڻ واري جدوجهد ۾ جڏھن ڏٺو ته سنڌي لوڪ ادب جو سنڌ حڪومت توڙي ادبي ادارن وٽ ڪوبه قدر ناهي، ته انهن کي جاڳائڻ لاءِ سگهڙن سان گڏ ٻولي ماهرن کي به ان ويڌن کان واقف ڪيو ۽ فڪري سوچ متعارف ڪرايائين ته منظم جدوجهد سان ئي قومي ادب جي وارثي ٿي سگهي ٿي . ڏٺو وڃي ته استاد محمد ملوڪ عباسي جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون قابل تحسين آهن ڇو ته هو سنڌي لوڪ ادب جو حقيقي خدمتگار آھي جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سان تمام گهڻي محبت رهي آھي. ھن استاد سُگهڙ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاء هن موقعي تي قومي ادب کي وساري ويٺل ۽ ان جي وارثي کان وئون ويندڙ عدم توجهي جو شڪار ادارتي سربراهن کي مان اهو چوڻ به ضروري سمجهان ٿو ته اسانجن ادبي ادارن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته لوڪ ادب جي وارثي چاهيندڙ سنڌي سگهڙن ۽ عالمن، ارغون ۽ تُرخان دؤر ۾ به ٻولي ۽ ادب خاطر وڏيون سختيون برداشت ڪيون پر پوءِ به پنهنجي ٻولي ۾ ثقافت جي آبياري ڪندا رهيا، ان ڪري سنڌ جا سگهڙ ۽ مُحقق ٻوليءَ جا حقيقي محافظ ۽ رکوال آهن. مان سدائين پنهجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ عرض ڪندو، ڌيان ڇڪائيندو رهيو آھيان ته اسانجي حڪومت ۽ ادبي ادارن کي سمجهڻ کپي ته اسانجو لوڪ ادب ملڪ ۾ جاري دهشتگرديءَ جي لهر خلاف هڪ مؤثر قُوت رکي ٿو. اسان کي گهرجي ته لوڪ ادب تي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪري سنڌ سميت پوري ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جوخاتمو آڻجي، پيار محبت ۽ لوڪ ادب واري ڪلچر کي هٿي ڏيارجي. هن موقعي تي اهو چوڻ به ضروري سمجهان ٿو ته استاد محمد ملوڪ عباسي وانگر اسانجي سگهڙ کي ڪنهن به ريت مذهبي ڪٽر پڻي جو شڪار يا وري ثقافتي دشمني يا حقيقي تاريخ لکڻ ۾ اقربا پروري جو حصو ناهي ٿيڻو. استاد سُگهڙ محمد ملوڪ عباسي پنهنجي لوڪ ادب جي لکڻين ۾ قومي سلامتي، امن، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان گڏ صوفي فڪر ۽ صوفي ازم جي پڻ پالوٽ ڪئي آھي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته جيڪا به شئي فطرت مان جنم وٺي ٿي اهو صوفي ازم آهي، لوڪ ادب ۾ به فطرت جا سمورا بنيادي رنگ سمايل آهن، جيئن ته صوفي ازم جو نظرياتي معمار شاھ ڀٽائي آهي، جنهن دنيا ۾ فلاسافي فڪر کي سمجهائڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو. ڏٺو وڃي ته فلاسافي، جو بنيادي مقصد دانش آهي، جنهن مان لفظ ڏاهپ نڪري ٿو، اصلي ڏاهپ واري ڏات جا خالق سگهڙ ئي آهن ۽ انهن سگهڙن مان استاد محمد ملوڪ عباسي کي دانش جو درياھ چئجي ته ان ۾ ڪو به شق ناهي. اڄ جيڪڏھن ٻولي بچائڻي آھي ته قومي ادب بچائڻو پوندو ڇو ته ارغون دور وانگر اڄ به سنڌي ٻولي تي پابندي مڙھڻ جا هربا هلي رهيا آھن. هڪ طرف حڪمران ان کي قومي ٻوليء جو درجو ڏيڻ لاء تيار ناهن ته ٻئي طرف ادارن جي سربراهن طرفان ان تاريخي ۽ قيمتي سرمايي کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي دفتري ٻولي طور استعمال نه پيو ڪيو وڃي پر جيڪڏھن سلات ۽ سگهڙ سنگت جي ساٿي سگهڙن ۽ خير خواهن ان کي بچائڻ جي ڳالھ ڪئي آھي ۽ ادارن ۾ ٻولي پڙھائڻ جو آواز اٿاريو آھي ته انھن کي اڻ سڌي طرح ھيسائڻ لاء سازشون سٽيون ويون آھن. هي وقت آھي ته اسان پنهنجو قومي لوڪ ثقافتي ورثو ۽ ٻولي بچائڻ لاء جوڳا قدم کڻي لوڪ ادب جي حقيقي قدردانن خيرخواه محققن سان گڏ سگهڙن ۽ لطيف شناسي سميت لوڪ ادب بچائڻ لاء اڳڀرا ٿيون. سو ان سلسلي ۾ هن وقت سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري ، سنڌي ادبي بورڊ ، اڪادمي ادبيات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ ، ڊاڪٽربلوچ فائونڊيشن، ڊاڪٽر بلوچ چيئر ، سنڌ يونيورسٽي ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، ڊاڪٽرسنديلو اڪيڊمي ، ثقافت کاتي ۽ حڪومت سنڌ کي کپي ته لوڪ ادب لاء جاکوڙيندڙ اديبن، مُحققن ۽ سگهڙن جي اصلي نمائندگي ڪندڙ جماعت ”سلات“ جو ساٿ ڏيئي، لوڪ ادب جي بچاء ۽ واڌ ويجھ لاء اثرائتا اپاء وٺن. هلندڙ دور ۾ جيڪڏھن ٻولي بچائڻي آهي ته لوڪ ادب کي بچائڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سندن غير سنجيدگي سبب سگھڙائپ درٻاري روپ اختيار ڪندي ۽ لوڪ ثقافتي ورثو تباھ ٿيندو. سنڌ اندر جديد سگهڙائپ وارا لاڙا متعارف ڪرائيندڙ سگهڙن جي هن بادشاھ سگهڙ جو وڇوڙو به عجيب آھي، پاڻ زندگيءَ جا پويان پساھ مختلف مرضن سان جهيڙيندي گذاريائين. سنڌي ٻوليءَ جي نج اچارن سان ڀرپور ڇهن ڪتابن جو اڻ مُلھ خزانو ڏيندڙ هن ڏات ڌڻي سگهڙ ستين صفر بمطابق 3 جون 1998ع ۾ هي ڏيھ ڇڏيو. سندس اولاد ۽ شاگرد ورسيءَ جي موقعي تي هرسال سندن مزار ڀرسان سگهڙن جو ميلو مچائيندا آھن جنهن ۾ سندن برادري جي عباسي ڪلهوڙا تنظيم ۽ سنڌ سُگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم سان گڏ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم(سلات) ٻانهن به ٻيلي هوندي آھي ۽ ثقافت کاتي جو پڻ ٿورو يا گهڻو سهڪار سدائين شامل رهيو آھي. اڄ 3 جون سندس وفات ڏھاڙو آھي پر اسان سُگهڙن سميت ڪنهن به ادبي اداري يا ادبي تنظيم هن بادشاھ سگهڙ جي پنهنجي پاران الڳ ياد ملهائڻ جي زحمت ناهي ڪئي ان ڪري آخر ۾ مان اهو ئي عرض ڪندس ته اهڙن مهان شخصيتن کي ياد ڪري لوڪ ادب سان گڏ لطيف شناسي ۽ سنڌي ٻولي بچائڻ لاء به تڪڙا اثرائتا اپاء وٺڻ جي ضرورت آھي.