لوڪ ادب آخر لاوارث ڇو؟؟
سرتاج حفيظ سومرو
26/11/2025
0 ڏٺل
review

سنڌي لوڪ ادب جي اهيت، افاديت، ترويج ۽ تحفظ کي نظر انداز ڪرڻ سبب ادارن اڳيان آئينو هن مضمون ۾ ڏيکاريل آھي ۽ احساس فراموشي ختم ڪرڻ بابت تاڪيدي ڳالھيون بيان ڪيون ويون آھن.

عاجز رحمت الله لاشاري ڏٺو وڃي ته ورهاڱي کانپوءِ لوڪ ادب جي تحقيق، ترتيب جو بنيادي ڪم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي شروع ڪيو جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سميت ٻين محققن عروج تي پهچايو پر اسانجي حڪومت ۽ ادبي ادارن پاران لوڪ ادب کي پُٺ تي ڌڪڻ جون سازشون ڪيون ويون جيڪا تاريخ سان دشمني برابر آهي. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تاريخي حقيقتون ۽ سماجي پسمنظر لوڪ ادب ۾ ئي لڪل آهي جنهن ذريعي ثقافت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ به اسانجي لوڪ ادب پنهنجو پاڻ ملهايو آھي پر ان کي سگهڙن کان سواءِ ڪير به پنهنجو ڪرڻ لاء تيار ناهي. ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي تمام وڏيون ڪوششون ورتيون، جيڪو سنڌي ٻولي توڙي لوڪ ادب جو مها ڄاڻو هو. هن سنڌي لوڪ ادب کي جديد انداز ۾ پيش ڪندي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته لوڪ ادب جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت آهي، سنڌي لوڪ ادب سونهن ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي ۽ ٻوليءَ جو بچاءُ به ان ۾ ئي آھي هن اهو پيغام ڏنو هو ته لوڪ ادب جو سنڌ حڪومت توڙي ادبي ادارن وٽ ڪوبه قدر نه آهي جن کي جاڳائڻ لاءِ سگهڙن جي منظم جدوجهد سان ئي ان جي وارثي ٿي سگهي ٿي . اسانجو قومي لوڪ ثقافتي ورثو جنهن کي حڪومت ۽ ادارن نظرانداز ڪيو آهي پر سگهڙن وٽ اڄ به قدر شناسي نظر اچي ٿي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته سگهڙائپ وارو فن تمام ڏکيو فن آهي جنهن ۾ دماغ جو تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو جنهن لاءِ سگهڙ پنهنجو نور نچوئي تخليق تيار ڪن ٿا. لوڪ ادب تاريخ ۽ تحقيق سان گڏ اسلامي ادب به آهي جنهن ۾ سوچ ويچار کان ڪم ورتو وڃي ٿو، سگهڙ غور فڪر ڪري نيون شيون سامهون آڻيندو آهي ان ڪري ان جو قدر ڪيو وڃي. هونءَ به ٻولي ۽ ثقافت جي بهتري لاء جيڪو ماڻهو چڱو ڪم ڪري ٿو اهو ڪنهن تي ٿورو ناهي هوندو، اسان کي هڪٻئي تي ٿورو ڪرڻ بدران پنهنجي ڌرتي جا ٿورا لاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي، ڇو ته لوڪ ادب سگهڙن جو سرجيل اهو ادب آهي جنهن جو ڪم جهڙي طرح اسان وٽ ٿيو آهي اهو ڪنهن به ملڪ ۾ نه ٿيو آهي، سگهڙن جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون قابل تحسين آهن ڇو ته اهي ئي حقيقي تخليقڪار آھن جن جي سنڌ ۽ سنڌين سان تمام گهڻي محبت آھي. ڏٺو وڃي ته لوڪ ادب تمام وڏو ادب آهي جنهن کي شاهه ادب چئي سگهجي ٿو سگهڙ هن ادب جا شهنشاهه آهن لوڪ ادب علم جو سمنڊ آهي. جنهن مان اسان جو سمورو ادب نڪري ٿو لوڪ ادب جن سرجيو آهي انهن ۾ مَردن سان گڏ عورتون به شامل آهن، لوڪ ادب ثقافتي ورثو آهي جنهن ۾ سموري ثقافت آئيني جيان نظر اچي ٿي، ثقافت جا سمورا الفاظ ڏسڻا آهن ته اهي سمورا ان لوڪ ادب ۾ آهن ۽ ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٻئي ادب تي لوڪ ادب جو احسان آهي ۽ سگهڙن جو ثقافت تي احسان آهي سگهڙن دلين جي دستار بندي ڪئي آهي، سگهڙن جو سمورو فن پيغام سان ڀريل آهي جنهن ۾ سماج چٽي طرح نظر اچي ٿو. اسان کي لوڪ ادب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته بلوچستان، پنجاب، هندستان ۽ ايراني سرحدون توڙي سنڌ کان ٻاهر آهن پر اهو سڄو علائقو قديم سنڌ جو آهي جتي اڄ به سنڌي ثقافت جيئن جو تيئن موجود آهي ۽ ھاڻي ته انٽرنيٽ جي دؤر ۾ ان سنڌ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سولو ٿي ويو آهي، هاڻوڪين حالتن ۾ مشيني واڌ ويجهه کان پوءِ رهڻي ڪهڻي، لباس، زيورن ۽ استعمال وارين شين ۾ وڏو فرق اچي چڪو آهي تنهنڪري لوڪ ادب جي وارثي ڪري پراڻين شين کي بچائڻ لاءِ انهن نالن ۽ شڪلين جي ڊاڪيومينٽريز ٺهڻ گهرجن. ثقافت کاتي سميت اسانجن ادبي ادارن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته لوڪ ادب جي وارثي چاهيندڙ سنڌي سگهڙن ۽ عالمن ارغون ۽ ترخان دؤر ۾ به ٻولي ۽ ادب خاطر وڏيون سختيون برداشت ڪيون پر پوءِ پنهنجي ٻولي ۾ شاعري ڪري ٻولي جي آبياري ڪئي ان ڪري سنڌ جا سگهڙ ٻوليءَ جا حقيقي محافظ ۽ رکوال آهن. اڄ ڪلھ ٻهراڙين ۾ نج ٻولي استعمال هئڻ سبب ڻ-ڃ-ڙ سان شروع ٿيندڙ شڪاري دؤر واري اصلي ٻولي جا لفظ به سگهڙن وٽان ئي مليا آھن ۽ اڄ به انهن وٽ ساڳئي اچارن سان موجود آهن، جن مان سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران نيٽ تي ٺهندڙ سنڌي لغت ۾ سنڌي ٻولي جا گهڻي کان گهڻا جيڪي لفظ شامل ڪيل آھن سي سگهڙن ڏنا آھن جن بعد انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي. افسوس جي ڳالھ آھي ته جن کي هن وقت حڪومت ۽ ادارا ڄٽ جاهل ۽ اڻ پڙھيل جي تُھمت مڙھي نظر انداز ڪيو آھي انهن سگهڙن عاجزي واري انداز سان پنهنجي ٻوليءَ جي سنڀال هر ڏکئي دور ۾ ڪئي آهي. سگهڙن وٽان اسانجن محققن تحقيق ڪندي سنڌيءَ ۾ اُٺ لاءِ استعمال ٿيندڙ 52 نالا هٿ ڪيا آهن جن ۾ وڌيڪ لسٻيلي ۽ ڪڇ جي سگهڙن جي شاعريءَ مان مليا آهن، اسانجي حڪومت ۽ ادبي ادارن کي سمجهڻ کپي ته اسانجو لوڪ ادب ملڪ ۾ جاري دهشتگرديءَ جي لهر خلاف هڪ موثر قوت رکي ٿو. اسان کي گهرجي ته لوڪ ادب تي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪري سنڌ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جوخاتمو آڻجي، پيار محبت ۽ لوڪ ادب واري ڪلچر کي هٿي ڏيارجي. هونءَ به سنڌ جا ماڻهو دهشتگردي ۽ انتها پسنديءَ واري سوچ جا شديد مخالف آهن، ۽ سدائين اسان سنڌي ماڻهو اهڙن ڪُڌن عملن جي پنهنجي لوڪ ڪچهرين ۾ نندا ڪندا رهيا آھيون ان جا مخالف آهيون. اسان کي ڪنهن به ريت مذهبي ڪٽر پڻي جو شڪار يا ان جو حصو ناهي ٿيڻو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ هميشه لوڪ ادب ۽ صوفي رقص جي دشمنن سان جهيڙو ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو علم، ادب ۽ آرٽ جي دشمنن ڪجهه عرصو اڳ سنڌالاجيءَ کي باهه ڏيئي ساڙيو هو. جيڪي دشمن ڪجهه لڪل ۽ ڪجهه اسان جي سامهون آهن، پر جنهن ادب جون پاڙون پاتال ۾ ۽ ڏات ڌڻين جا ارادا اٽل هجن ته ان کي ڪو به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ سان بيحد پيار ڪندي هڪ آهن، هيءَ ڌرتي محبتي جنونين جي ڌرتي آهي.اسانجو لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻولي انتهائي شاهوڪار رهي آهي، پر موجوده وقت ۾ ٻئي خطرن ۾ گهيريل آهن، جنهن جو ڪنهن کي به ڪو فڪر نه آهي. اوهان ڏسندئو ته ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، نوابشاھ، ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جهڙن علائقن ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جي دڪانن تي لکيل نالا به غير ٻوليءَ ۾ آهن، جيڪو عمل افسوس جوڳو آهي. اسانجو لوڪ ادب رڳو قومي ريتن رسمن رواجن ۽ سوڻ ساٺن جو تاريخي دستاويز ناهي پر هن ۾ صوفي فڪر جي پڻ پالوٽ ڪيل آھي. هونءَ به ڏٺو وڃي ته جيڪا به شئي فطرت مان جنم وٺي ٿي اهو صوفي ازم آهي، لوڪ ادب ۾ به فطرت جا سمورا بنيادي رنگ سمايل آهن،صوفي ازم جو نظرياتي معمار شاهه ڀٽائي آهي، جنهن دنيا ۾ فلاسافي فڪر کي سمجهائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. اڄ جا ڏات ڌڻي سگهڙ به لطيف سائين جا پوئلڳ هجڻ ڪري صوفي فڪرجي چٽي تصوير ۽ ٻولي جا سرچشما آهن، جن فلاسافي فڪر کي سمجهائڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آھي،ڏٺو وڃي ته فلاسافي، يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو انگريزن وٽ بگڙيل صورت ۾ پهتو، فلاسافي، جو بنيادي مقصد دانش آهي، جنهن مان لفظ ڏاهپ نڪري ٿو، اصلي ڏاهپ واري ڏات جا خالق سگهڙ ئي آهن. موجوده عالمي حالتون ٻڌائن ٿيون ته هن وقت دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن سبب سنڌ ۽ صوفي ازم کي خطرو آهي جنهن جي بچاءُ لاءِ سگهڙ ڪچهرين وسيلي لوڪ ادب کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ان ڪري جديد ٽيڪنالاجي ۽ دهشتگردي واري دور ۾ انسانيت ۾ محبت جو جذبو جاڳائڻ لاءِ صوفي فڪر جا سفير سگهڙ ئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ساڳئي وقت ٻولي بچائڻي آھي ته قومي ادب بچائڻو پوندو ڇو ته ارغون دور وانگر اڄ به سنڌي ٻولي تي پابندي مڙھڻ جا هربا هلي رهيا آھن هڪ طرف حڪمران ان کي قومي ٻوليء جو درجو ڏيڻ لاء تيار ناهن ته ٻئي طرف ادارن جي سربراهن طرفان ان تاريخي ۽ قيمتي سرمايي کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي دفتري ٻولي طور استمال نه پيو ڪيو وڃي.سياڻن جو چوڻ آھي ته جنهن قوم کي ختم ڪرڻو هجي ان جي قومي ٻولي ۽ تاريخي قديم ادب کي ختم ڪريو ته قوم تباھ ٿي ويندي ۽ اڄ اها ساڳي صورتحال اسانجي سنڌي قوم جي آھي. ترقي جي نالي سان ٿيل پاڪ چين جي سي پيڪ معاهدي سان اقتصادي ۽ معاشي طور ملڪ ته ترقي ڪندو پر سنڌي سميت سمورين ٻولين لاء خطرا موجود آھن ان ڪري هي وقت آھي ته اسان پنهنجو قومي لوڪ ثقافتي ورثو ۽ ٻولي بچائڻ لاء جوڳا قدم کڻون ، ان ڪري هن وقت سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري ، سنڌي ادبي بورڊ ، اڪادمي ادبيات، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ ، ڊاڪٽربلوچ فائونڊيشن، ڊاڪٽر بلوچ چيئر ، سنڌ يونيورسٽي ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي، ڊاڪٽرسنديلو اڪيڊمي ، ثقافت کاتي ۽ حڪومت سنڌ کي کپي ته لوڪ ادب جي بچاء ۽ واڌ ويجھ لاء اثرائتا اپاء وٺن. هلندڙ دور ۾ جيڪڏھن ٻولي بچائڻي آهي ته لوڪ ادب کي بچائڻو پوندو، ان ڪري حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي سميت سمورن ادبي ادارن توڙي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين لوڪ ادب ماھرن جي نالي سان قائم ادارا ۽ تنظيمون لوڪ ادب بچائڻ لاءِ سنجيده ٿين، سندن غير سنجيدگي سبب سگھڙائپ درٻاري روپ اختيار ڪندي پئي وڃي ان ڪري لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻولي بچائڻ لاء تڪڙا اثرائتا اپاء وٺڻ جي ضرورت آھي ان ڪري ڏات ڌڻين جي گذريل ڏھن مهينن کان لوڪ ثقافتي ورثي جي وارثي لاء احتجاجي تحريڪ هلي رهي آھي جنهن جا چوڏهن نقطا/تجويزون ۽ مطالبا هي آھن جنهن تي ڪوبه ڌيان ڏئي جائز مطالبا مڃڻ لاء تيار ناهي. (1)سگهڙن جي وارثي ۽ سنڌي لوڪ ادب بچائڻ لاء الڳ ادارو قائم ڪيو وڃي. (2)ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ فارم جي شعبن واري خاني ۾ سگهڙ جو جدا شعبو لکيو وڃي . (3)ثقافت کاتي جي اينڊومينٽ فنڊ ڪميٽي ۾ لوڪ ادب جي ڄاڻوء/سگهڙ کي به ميمبر طور کنيو وڃي . (4)سنڌي ٻوليء جي با اختيار اداري طرفان هرسال لوڪ ادب جي شعبي جو الڳ ايوارڊ ڏيڻ سان گڏ اداري جي بورڊ آف گورنرس ۾ سگهڙن کي به نمائندگي ڏني وڃي ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي شعبي ۾ لوڪ ادب توڙي سگهڙن جي تاريخ سهيڙڻ لاء سگهڙ نمائندا مقرر ڪيا وڃن . (5)سنڌي ادبي بورڊ ۾ لوڪ ادب اسڪيم جي ٻيهر شروعات ڪري بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ڪاميٽي ۾ سگهڙن کي به نمائندگي ڏني وڃي . (6)انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشوري طرفان ايوارڊن واري مرحلي ۾ لوڪ ادب کي به ترجيح ڏئي سنڌالاجي جي ميوزم ۽ لائبريري ۾ سگهڙن جو الڳ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. (7) لئنگئيج اٿارٽي/سنڌالاجي/سنڌميوزم سميت سنڌ جي سمورن سرڪاري آڊيٽوريم هالن جي لوڪ ادب سرگرمين لاء چارجز فيس ختم ڪئي وڃي . (8)بيمارسگهڙن/شاعرن/اديبن/صحافين/فنڪارن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاء ڊويزن سطح تي ڪنهن به وڏي اسپتال ۾ سرڪاري پينل قائم ڪيو وڃي . (9)اڪادمي ادبيات پاڪستان/لوڪ ادب ورثه ۽ وفاقي سرڪار پاران هر سال سنڌي لوڪ ادب جو جدا ايوارڊ ڏنو وڃي . (10)ڪاري موري حيدرآباد ۾ اڳوڻي وزيراعلي' ڄام صادق علي پاران ڏنل ٻيڙو فقيرسگهڙھال تان پڃاري پوليس جو قبضو ختم ڪرايو وڃي. (11)سرڪاري ميلن ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين جا ڪنوينر ڪامورن يا آفيسرن بدران سگهڙ مقرر ڪيا وڃن ۽ سرڪاري ڪانفرنس/ڪچهري ۾ پيش ڪيل فن هرسال ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو وڃي . (12) ڊاڪٽرنبي بخش خان بلوچ جي نالي سان قائم ڊاڪٽربلوچ انسٽيٽيوٽ/ڊاڪٽربلوچ فائونڊيشن/ڊاڪٽربلوچ چيئر سميت سمورا ادارا لوڪ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاء پنهنجو پنهنجو ڪردار اداڪن . (13)پرائمريء کان يونيورسٽيء تائين لوڪ ادب کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي . (14)پرائمري اسڪولن ۾ لوڪ ادب پڙھائڻ لاء سگهڙن کي استاد مقرر ڪيو وڃي .